ريپبلڪن پارٽي

ريپبلڪن پارٽي

ريپبلڪن پارٽي

ريپبلڪن پارٽي(Republican party) : آمريڪا جي ٻن وڏين سياسي جماعتن مان هڪ جماعت، جنهن جو بنياد 1854ع ڌاري هڪ اتحاد جي ذريعي رکيو ويو. اهو اتحاد whig فري سوائل ۽ Know-Nothing پارٽين جي اڳوڻن ڪارڪنن ۽ انهن کان سواءِ ناردرن ڊيموڪريٽس تي مشتمل هو. شروعات ۾ ري پبلڪن پارٽي غلاميءَ کي اولهه وارن علائقن تائين وڌائڻ جي مخالفت تي هم خيال هئي. 1856ع ۾ هنن جان چارلس فريمونٽ کي صدارت لاءِ نامزد ڪيو. ڪجھه سالن لاءِ ري پبلڪنز، ڊيموڪريٽس سان اتحاد ڪيو. 1860ع ۾ پهرين ريپبلڪن صدر لنڪن جي اتحاد بعد پارٽي اڪثر اعليٰ حيثيت جي مالڪ رهي، پر 1930ع واري ڏهاڪي دوران هيءَ پارٽي ڪنزرويٽو ڪاروباري فائدن سان سڃاپجڻ لڳي. ريپبلڪن پارٽيءَ طرفان منتخب صدرن ۾ روزويلٽ، آئزن هاور، نڪسن، ريگن، جارج بش ۽ جارج ڊبليو بش شامل آهن.


لفظ ريپبلڪن پارٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو